ڊاڪٽر عبدالاحد ابڙو

ڊاڪٽر عبدالاحد ابڙو

عبدالاحد ابڙو ڊاڪٽر

عبدالاحد ابڙو، ڊاڪٽر: مشھور تعليمدان ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالاحد ابڙو ولد حاجي پير محمد ابڙو 11 اپريل 1945ع تي دادوءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم دادوءَ مان ورتائين. هو پهريون وائيس چانسلر هو، جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي انجينئرنگ ڪاليج مان 1968ع ۾، سول انجينئرنگ ۾ گرئجوئيشن ڪئي، جنهن بعد 1972ع ۾ لنڊن يونيورسٽي جي امپيريل ڪاليج آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي مان پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ ۾ ماسٽرز، 1973ع ۾ ساڳئي ڪاليج مان ڊپلوما ڪئي، 1975ع ۾ يونيورسٽي آف ساؤٿيمپٽن مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ۽ 79-1978ع ۾ انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف هائيڊرولڪس ائنڊ انوائرومينٽل انجينئرنگ، ڊيلٽ، نيدرلينڊ مان پوسٽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات درس و تدريس سان ڪئي. 1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽي انجينئرنگ ڪاليج جي شعبي سِول انجينئرنگ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪندي 1973ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، 1974ع ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر، 1976ع ۾ پروفيسر ۽ سنڌ يونيورسٽي انجينئرنگ ڪاليج کي يونيورسٽي (موجوده مهراڻ يونيورسٽي آف انجينئرنگ، سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي) جو درجو ملڻ بعد 1988ع کان 1991ع تائين مهراڻ يونيورسٽي جي وائس چانسلر جي عهدي تي فائز رهيو. ان کانسواءِ جن ٻين انتظامي عهدن تي فائز ٿيو، انهن ۾؛ سول انجينئرنگ شعبي جو چيئرمئن (1975ع)، انجينئرنگ فئڪلٽي جو وقتي ڊين (1976ع)، فئڪلٽي آف ٽيڪنالاجيءَ جو ڊين (1981ع)، نئشنل بلڊنگ رسرچ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر جنرل (1985ع)، فئڪلٽي آف ٽيڪنالاجي جو ڊين (ٻيون ڀيرو: 1996ع)، انجينئرنگ فئڪلٽي جو ڊين (2003ع)، پرنسٽن يونيورسٽي ملير ڪئمپس، ڪراچيءَ جي انجينئرنگ فئڪلٽي جو ڊين ۽ ڊائريڪٽر (2005ع) شامل آهن. ان کانسواءِ ٻين عملي سرگرمين ۾ پاڪستان انجينئرنگ ڪائونسل جي ايگزيڪيٽو ڪميٽيءَ جو ميمبر، آل وائس چانسلرز ڪميٽي جو ميمبر، مهراڻ يونيورسٽيءَ جي ائفيليئيشن ڪميٽي، ائڊوائزري بلڊنگ ڪميٽي، بورڊ آف ائڊوانس اسٽڊيز اينڊ ريسرچ، اڪيڊمڪ ڪائونسل، سليڪشن بورڊ، فنانس ائنڊ پلاننگ ڪميٽي، اسڪالرشپ ڪميٽي، بورڊ آف اسٽڊيز آف سول انجينئرنگ، فئڪلٽي آف انجينئرنگ ۽ فئڪلٽي آف ٽيڪنالاجي جي بورڊ جو چيئرمئن، مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ا/سوسيئيشن جو صدر، مهراڻ يونيورسٽي بوائز هاسٽل جو پرووسٽ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سئنڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر، مهراڻ يونيورسٽي جي سنڊيڪيٽ ۽ ڊسيپلن ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ ٿي رهيو. کيس، تعليمي ميدان ۾ بهتر خدمتون انجام ڏيڻ عيوض صدر پاڪستان طرفان ’ستارهء امتياز‘ (1989ع) سان نوازيو ويو، جڏهن ته گورنر سنڌ پاران 1992ع ۾ گولڊ ميڊل، شاهه لطيف اڪيڊمي طرفان مڃتا شيلڊ، ثقافت کاتي، سنڌ طرفان سرٽيفڪيٽ، يونائيٽڊ اسٽيٽ انفرميشن ائجنسي پاران سرٽيفڪيٽ (1991ع)، مهراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ائسوسيئيشن طرفان ’مڃتا شيلڊ‘ ۽ ’لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ‘ (2005ع) شامل آهن.سندس شادي مختيار ابڙو سان ٿي، پاڻ هن وقت پنهنجن ٻارن؛ شهنيل، عديل، صبا ۽ ردا سان گڏ حيدرآباد، سنڌ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو